پشاور – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن، دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو. دوري دوران وز??راعظم کي صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال سميت خار خودڪش ڌماڪي، جاچ تي اڳڀرائي، منصوباسازن، دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جي وچ ۾ ر??بط?? جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم خودڪش ڌماڪن ۾ افغان شهرين جي ملوث هجڻ، سرحد پار کان معصوم شهرين تي بزدلاڻي حملن جي منصوبابندي ڪرڻ ۽ پاڪستان دشمن عنصرن جي ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. وز??راعظم چيو ته دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، قوم جي تعاون سان سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته بزدلاڻي حملن جي ذميوارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو. وز??راعظم زخمي ماڻهن کي خار کان پشاور منتقل ڪرڻ جي لاءِ پاڪ آرمي جي هنگامي ڪوششن کي ساراهيو. وز??راعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف علاج هيٺ زخمي ماڻهن جي عيادت جي لاءِ سي ايم ايڇ جو پڻ دورو ڪيو ۽ انهن کان صحت بابت معلوم ڪيو. وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي مڪمل صحتيابي تائين علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم خار خودڪش ڌماڪي جي متاثرين جي خاندانن کي يقين ڏياريو ته قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي نقصان ۾ برابر جي شريڪ آهي. ان کان اڳ ڪور ڪمانڊر پشاور وز??راعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جو پشاور پهچڻ تي استقبال ڪيو.
افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار