اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) ??عل??م ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام تحت عورتن جي ڪوٽه 33 سيڪڙو مان وڌائي 40 سيڪڙو ڪري ڇڏي. مدد علي سنڌي نيو??يڪ طرفان پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. وفاقي زوير فني تربيت پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان پاڪستان ج?? نوجوانن جي ڀرپور صلاحيتن مان فائدو کڻون. هن پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايم واءِ ايس ڊي پي) کي ساراهيو ۽ـ چيو ته ان پروگرام جي اثرائتي ۽ عملي لاڳو ڪرڻ سان انتهائي مثبت نتيجا ملي سگهن ٿا. مدد علي سنڌي پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام ۾ عورتن جي ڪوٽا 33 سيڪڙو مان وڌائي 40 سيڪڙو ڪري ڇڏي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته پاڪستا?? موجوده سماجي چئلينجن تي ضابطو آڻي ته عورتن کي بااختيار بنائڻ هڪ اهم سنگل ميل آهي جنهن کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن حڪم ڏنو ته سمورن معذور شاگردن جي ڪنهن به ڪوٽا کان سواءِ سيٽون ڏنيون وڃن. هن نيو??يڪ کي ان جي سهولت لاءِ وڏن شهرن ۾ رهائش جو انتظام ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. نيو??يڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته موجوده پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام جي لاڳت تقريبن 10 ارب رپيا آهي. هن چيو ته ان پروگرام تحت هاڻ تائين 61 هزار نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي، جن مان 96 هزار هاءِ ??يڪ ٽريننگ حاصل ڪئي آهي ۽ 64 هزار روايتي تربيت حاصل ڪري چڪا آهن. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته ان تريبت حاصل ڪندڙ افرادي سگهه ۾ روزگار جي شرح 71 سيڪڙو آهي. ??عل??م واري وزير کي بريفنگ ۾ ٻُڌايو ته ڪل تربيت وٺندڙ شاگردن مان 42 هزار عورتون آهن. وفاقي وزير کي صوبائي بريڪ ڊائون جي باري ۾ ٻُڌايو ته پنجاب مان 67 هزار، ڪي پي ڪي مان 20 هزار، سنڌ مان 38 هزار، بلوچستان مان 12 هزار ۽ گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد مان 22 هزار نوجوانن کي ٽرين ڪيو ويو آهي. مدد علي کي پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي.
تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي صدارت هيٺ پرائيم منسٽر يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری