مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي سمورن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪ??مير جي تڪرار جي حيثيت عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي منصوبن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي، آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير ۽ گلگت بلتستان جو روڊ جي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي ڪابينا جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي وزيراعظم ۽ ڪ??بينا ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڄمون ۽ ڪ??مير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي توسيع کانپوءِ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي وزيراعظم ۽ ڪ??بينا پارا?? نگران وزيراعظم جي آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي قانونساز اسيمبلي ۾ گذريل ڏينهن جي تقريب جي زبردست پذيرائي ڪئي وئي. آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان ٻنهي طرفن جي ڪشميرين جا دل کٽي ورتا ۽ انهن جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جي تقرير کي ڪشميري عوام، اوورسيز ڪشميرين، ڪشميري اڪيڊميا، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا پاران ڀرپور طريقي سان ساراهيو و??و. آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي ڪابينا ميمبرن جو چوڻ هو ته نگران وزيراعظم جي دليراڻي موقف ڪشميرين ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پيدا ڪيو آهي. ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آئون آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ پاڪستان رياست جو موقف ورجائڻ آيو آهيان ته پاڪستا?? ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪ??مير جي تڪراري حيثيت عالمي سطح تي مڃيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي حربن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي. نگران وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي سمورن مسئلن خاص طور تي مالي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته شونٽر ٽنل، مري – مظفرآباد ايڪسپريس وي، مانسهره – مظفرآباد – منگلا، ميرپور ايڪسپريس وي جي تعمير جي حوالي سان وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير ۽ گلگت بلتستان جو رستي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي سمورين وزارتن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي حوالي سان ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرايو و??ندو. نگران وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.
ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حيثيت عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي منصوبن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری