اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي ۽ علائقائي سالميت تي ٺاهه نه ڪندو، پنهنجي سرزمين جي دفاع لاءِ سڀئي ضروري قدم کڻنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب اير??ن جي سيستان ۽ بلوچستان صوبي ۾ پاڪست??ن جي ڪارروائي تي پنهنجي بيان ۾ صدر ايراني شهرين کي جاني نقصان کان بچائيندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ تي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ چيو ته دهشتگردي هڪ گڏيل چئلينج آهي، ??ن جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سڀني رياستن ??ي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل ??حت??ام ڪري ٿو ۽ ٻين ملڪن مان به اها ئي ام??د رکي ٿو ته اهي عالمي قانونن جي خلاف ورزي نه ڪن. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر ملڪ آهن، مسئلن کي ڳالهين ۽ گڏيل مشاورت سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي ۽ علائقائي سالميت تي ٺاهه نه ڪندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت