اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ عهدي جو چارج سنڀالي ورتو. وزارت آ??د تي سيڪريٽري پيٽروليم مؤمن آغا ?? ٻين آفيسرن وفاقي وزير جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته عوام جي سهولت موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سحري ۽ افطا?? جي وقتن ۾ بجلي ۽ گيس جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته گردشي قرضن جي پائيدار حل لاءِ تجويزن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. گيس ۽ معدنيات جي شعبن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت ڪئي ويندي. مشڪل حالتن باوجود حڪومت جي پاليسين جو محور عوام آهي. آفيسرن طرفان وفاقي وزير کي بريفن?? ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز