اسلام آباد – 19 – مارچ (اي ??ي پي) پاڪس??ان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندين جي نئين دور جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڪالعدم ڪشميري پارٽين ??ان پابنديون هٽائڻ ۽ محمد ياسين ملڪ سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ پاڪس??ان ڄم??ن ۽ ڪشمير پيپلز ??ري??م ليگ ۽ ڄم??ن ۽ ڪشمير پيپلز ليگ جي چار ڌڙن تي پابندي هڻڻ جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي مذمت ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪس??ان محمد ياسين ملڪ جي قيادت ڄم??ن ۽ ڪشمير لبريشن فرنٽ تي پابندي کي وڌيڪ 5 سال تائين وڌائڻ جي فيصلي جي پڻ مذمت ڪري ٿو. تازي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ مجموعي طور تي 14 ڪشميري سياسي پارٽين کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن پارٽين سان لاڳاپيل ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي، سڀ کان وڌيڪ ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته محمد ياسين ملڪ جي لاءِ موت جي سزا جي درخواست ڪئي وئي آهي جنهن کي 2022ع ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ترجمان چيو ته اهڙي طرح جا جابراڻا حربا ڪشميري عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي خواهشن کي دٻائي نه ٿا سگهن جنهن جو حق انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ڏنو ويو آهي. بيان موجب والاريل ڄم??ن ۽ ڪسمير ۾ اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ ڀارت جي جاري م??م عالمي انساني حقن ۽ انساني قانون سان گڏوگڏ جمهوري اصولن جي پڻ خلاف ورزي آهي. بيان ۾ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته اها ڪالعدم ڪشميري پارٽين ??ان پابندي هٽائي ۽ محمد ياسين ملڪ سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄم??ن ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندين جي نئين دور جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری