اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مهانگي تيل تي هلندڙ بجلي جي ??نصوبن کي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، بجلي جي ??هچ جي صلاحيت ۾ اضافو لازمي آهي، هوائي، پن بجلي ۽ شمسي توانائي جي ??نصوبن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، حڪومت بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ پرعزم آهي، بجلي چوري جي روڪٿام ۾ پنجاب جي ڪارڪردگي حوصلي جوڳي آهي، ٻيا صوبا به بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کڻن، اين ڊي ايم اي برساتن سان ٿيندڙ نقصانن جي ازالي جي ??اءِ صوبن سان گڏجي ??وس حڪمت عملي جوڙين. اهڙن خيال جو اظهار هن بجلي جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ٻي?? لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مختلف وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو پيو وڃي. معيشت بابت مختلف ??جل??س ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ برساتون ٿي رهيون آهن ان سان ڊيمن ۾ پڻ پاڻي ايندو ۽ پن بجلي جي ??يداوار وڌندي. برساتن سان جاني نقصان به ٿيو آهي. اين ڊي ايم اي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته اين ڊي ايم اي صوبن سان گڏجي حڪمت عملي تيار ڪري ته جيئن جتي جتي به برساتن سان نقصان ٿيو آهي اتي امدادي سامان پهچائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته حڪومت بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ پرعزم آهي. بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم حوصلي جوڳا آهن. ٻي?? صوبن کي به ان حوالي سان قدم کڻڻ گهرجن. اهو هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بجلي جي ??هچ جي نظ??م جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بجلي جي ??هچ جي نظ??م ۾ بهتري کانسواءِ گهربل فائدا حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. بجلي جي ??هچ جي نظ??م ۾ خاميون ۽ ڪمزوريون ختم ڪرڻ لازمي آهي. بجلي جي ??هچ جي نظ??م جي صلاحيت وڌائڻ جي ??اءِ ماهرن جون خدمتون وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن بجلي جي ??هچ جي نظ??م ۾ بهتري آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ته اضافي بجلي کي پڻ استعمال ۾ آڻڻ جي ??اءِ قدم کڻڻ گهرجن. پن بجلي جي ??يداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بجلي جي ??نصوبن کي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هوائي، پن بجلي ۽ شمسي توانائي جي ??نصوبن جا ڏورس نتيجا نڪرندا. هن چيو ته اسان کي پنهنجي سسٽم ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ڇو ته 27 ارب ڊالر جي درآمدات سان اسان پنهنجي بجلي ۽ ٽرانسپورٽ جون ضروريون پوريون ڪرڻ جي ??اءِ ڪري رهيا آهيون. مافياز ملڪ جي دولت کي نچوڙي رهي آهي. بجلي جي ??يداوار جي ??اءِ جيڪڏهن اسان متبادل ذريعا استعمال ڪريون ته اربين ڊالر جي تيل جو درآمدي بل گهٽ ڪري سگهجي ??و. ان لاءِ تفصيلي منصوبابندي جيڪڏهن ڪئي وڃي ته اسان کي مستقبل ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو.
مهانگي تيل تي هلندڙ بجلي جي منصوبن کي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، بجلي جي پهچ جي صلاحيت ۾ اضافو لازمي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : quina acumulada