شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ نانشان ون ا??ٽاپ سروسز سينٽر ۽ شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي ئي وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل پاڪستاني عملد??رن کي اڄ ئي نانشان ون ا??ٽاپ سروسز سينٽر سان ڳالهيون ڪري پاڪستان ۾ اهڙي جديد ??ظام جي قيام جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نانشان ون ا??ٽاپ سروسز سينٽر پهچڻ تي شينزن نانشان ڊسٽرڪٽ پيپلز گورنمينٽ جي پارٽي ليڊرشپ گورنمينٽ جي ميمبر ۽ ڊپٽي ميئر لي زنها وزيراعظم جو اس??قب??ل ڪيو. نانشان ون ا??ٽاپ سروسز جي دوري دوران وزيراعظم کي ڪمپنين جي هڪ ئي ڇت هيٺ رجسٽريشن ۽ ٻي ڪارروائي جي حوال?? سان ڊيجيٽل نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم نانشان ون ا??ٽاپ سروسز ۾ ڪمپني ۽ ڪاروبار جي رجسٽريشن جي لاءِ جديد ??ظام ک?? ساراهيو. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملد??رن کي پاڪستان ۾ اهڙو نظام متعارف ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي نانشان ون ا??ٽاپ سروسز جي عملد??رن سان ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ هن چيني تعاون سان پاڪستان ۾ فوري طور تي اهڙا سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني عملد??رن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني عملد??رن کي شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهڙو ئي جديد ۽ تيز تر نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم شينزن جي ارتقاءَ ۽ ترقي جي حوال?? سان قائم شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو. دوري دوران وزيراعظم کي شينزن جي ترقي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ شينزن جي گهٽ مدي ۾ ترقي جي سفر ک?? ساراهيو.
وزيراعظم پاران شينزن ۾ نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر ۽ شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔