اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پارلياماني عمل ۾ نوجوان?? جي شمولي?? نه رڳو اهم قدم پر ملڪي مفاد لاءِ گهڻو ضروري آهي، پاڪستا?? جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪي ملڪ جو انتهائي قيمتي اثاثو آهن، سينيٽ انٽرنشپ پروگرام نوجوانن کي پارلياماني عمل سان جوڙڻ لاءِ هڪ منظم رستو فراهم ڪري. اهڙو اظهار هن سمر انٽرنشپ پروگرام جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سينيٽ سمر انٽرنشپ پروگرام جي پڄاڻي جي موقعي تي ان تقريب کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. سينيٽ جي ڪميٽين ۽ سيڪريٽريٽ ۾ نمايان ڪارڪردگي تي آئون اوهان سڀني کي خراج تحسين پ??ش ڪريان ٿو. هن چيو ته نوجوانن ۾ سماجي ۽ معاشرتي تبديلي کي اڳتي وڌائڻ جي صلاحيت تمام گهڻي آهي، نوجوان نسل کي ملڪ جي جمهوري عمل ۾ شامل ڪرڻ سان ادارن کي سگهه ملندي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قانونسازي جي ايوانن ۾ نوجوان?? جي شرڪت جو رجحان سڄي دنيا ۾ هٿي وٺي رهيو آهي، قانونسازي جي عمل ۾ نوجوان?? جي شموليت ملڪ لاءِ فا??ديمند ثابت ٿيندي آهي ۽ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائيندي آهي ته حڪومتي پاليسيون نوجوان?? جي امنگ?? جي عڪاسي ڪنديون آهن. هن چيو ته تاريخي طور تي نوجوانن سياسي نظام جي جوڙجڪ ۽ سماجي تبديلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستا?? جي باني قائداعظم محمد علي جناح نوجوان نسل جي صلاحيتن کي تسليم ڪيو ۽ نوجوانن تي زور ڀريو ته هو پاڻ کي قومي تعمير لاءِ تيار ڪن. نوجوان مستقبل جا معمار آهن. نوجوان?? جي مهارتن ۽ صلاحيتن کي ملڪي مفاد جي استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضر??رت آهي. سينيٽ انٽرنشپ پروگرام نوجوانن کي پارلياماني عمل سان جوڙڻ لاءِ هڪ منظم رستو فراهم ڪندو. نوجوانن انٽرنشپ پروگرام مان قانونسازي جي طريقيڪار، پاليسي سازي ۽ آفيس جي معاملن بابت نمايان آگاهي حاصل ڪئي. نوجوانن جو پارليامينٽ هائوس ۾ ڪم جو تجربو انه?? جي روشن مستقبل جي ضمانت ثابت ٿيندو. نوجوانن کي نه رڳو پارليامينٽرين سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو پر سينيٽ جي اعليٰ عملدار?? جي تجربي مان به فا??دو کنيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسان سڀ اوها?? جي روشن مستقبل لاءِ دعاڳو آهيون. اميد آهي ته اوهان سڀ پنهنجي محنت ۽ قابليت عيوض ملڪ جو قيمتي اثاثو ثابت ٿيندا. سيد يوسف رضا گيلاني سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سينيٽ جي اعليٰ عملدارن کي خراج تحسين پ??ش ڪيو.
پارلياماني عمل ۾ نوجوانن جي شموليت نه رڳو اهم قدم پر ملڪي مفاد لاءِ ضروري آهي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania