نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محم?? يونس جي دعوت تي بنگلاديش جي گڏيل قومن ۾ مي??بر??پ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاع??ت ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ڊاڪٽر محم?? يونس وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي.
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais