اسلام آباد -27 ??ڪٽ??بر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته پاڪستان ڪش??ير??ن جي خوداراديت واري حق جو مضبوط حامي آهي، ڪشمير مسئلي تي وزيراعظم محم?? شهباز شريف جو جرئتمنداڻو موقف ڪشمير ڪاز جو پاڪستان جي پختي عزم ۽ پراڻي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي خواهش جو ڀرپور اظهار آهي. 27 ??ڪٽ??بر ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 27 ??ڪٽ??بر 1947ع ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي فوجي قبضي جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. هندستان ان ڏينهن ڪش??ير??ن جي جي خواهشن ابتڙ پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاهي غيرقانوني طور تي قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فاشسٽ حڪومت جي ظلمن ۽ ظالماڻين پاليسين باوجود ڪس??ير?? عوام پنهنجي آزادي لاءِ بهادريءَ سان غيرتمند جدوجهد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪش??ير?? عوام والاريل ڄمون ڪشمير کي ڀارت جي قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو. عطاالله تارڙ چيو ته پاڪستان ڪڏهن به دنيا ۾ ڪش??ير??ن جي جائز مقصد جي وڪالت کان پوئتي ناهي هٽيو. پاڪستان هميشه ڪش??ير?? عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي خوداراديت واري حق جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو واحد قبولڻ جوڳو حل گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري آهي پر ڀارت ڪشمير جي قانوني حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ڳولهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان روڪي. هن چيو ته اسان يقين رکون ٿا ته ڪش??ير?? عوام پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندو ۽ آزادي جو خواب ساڀيان ٿيندو.
پاڪستان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جو مضبوط حامي آهي: عطاالله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں