اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪابينا ميمبرن جي راءِ جي روشنيءَ ۾ رائيٽ سائزنگ ڪم??ٽي جي مختلف وزارتن ۽ کاتن ۾ رائٽ سائزنگ جي سفارشن جو جائزو وٺي وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ ??يش ڪئي ??ڃي، جڏهن ته ڄاڻايل ڪم??ٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن ۾ رائٽ سائزنگ لاءِ ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪُجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، وفاقي ڪابينا ۾ حڪومت جي رائٽ سائزنگ جي حوالي سان جوڙيل ڪم??ٽي واپار واري وزارت، هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن جي رائٽ سائيزنگ جي حوالي سان سفارشون ??يش ڪيون. ڪم??ٽي ڄاڻايل وزارتن جي ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪجهه ادارن کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪم??ٽي انهن وزارتن جي سيڪريٽريٽ ۾ عملي جون پوسٽون 30 سيڪڙو گهٽائڻ جي به تجويز ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن سفارشن جي منظوري کانپوءِ قومي خزاني کي 42.1 ارب رپين جي بچت جو امڪان آهي. ڪابينا ميمبرن انهن تجويزن تي پنهنجي راءِ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪابينا جي ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ انهن وزارتن جي رائٽ سائزنگ بابت سفارشن ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو وڃي ۽ رپورٽ ٻيهر وفاقي ڪابينا ۾ ??يش ڪئي ??ڃي. وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي وفاقي ڪابينا کي پارا چنار جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ ان حوالي سان وفاقي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون گڏيل طور تي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پارا چنار مان مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي استعمال هيٺ هيلي ڪاپٽر مخصوص ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پارا چنار جي سمورن اسپتالن ۾ ضروري دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو ويو آهي.
وزيراعظم پاران رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي سفارشن جو جائزو وٺي وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج